سنڌ

زمين تي قبضن ۽ والار خلاف ڪيو اي ٽي جا مظاهرا

افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لا، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ميرواهه گورچاڻي، ٽنڊوالهيار ۽ ڳڙهي حسن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ميرواهھ گورچاڻي ۾ سوين ڪارڪنن چمبڙ ناڪي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي انور نوحاڻي، ڪرڙ ريٻاري، ارباب نوحاڻي، مجيد ٻگهيو، علڻ گورچاڻي، نجم آرائين، ڊاڪٽر علي حسن خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. ٽنڊو الھيار ۾ محمد يعقوب، اوٺو طالب اوٺو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن مظاھرو ڪيو. ڳڙھي حسن ۾ جبار سنڌي جي اڳوڻي ۾ ڪارڪنن مظاھرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ آھي ته 35 لک افغاني بي گھر ٿيا آھن ۽ اھي لکين افغاني پاڪستان ۾ داخل ٿي رھيا آھن، جيڪي سنڌ ۾ آباد ٿيندا، اسان کي افغاني ڪنهن به صورت قبول ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button