سنڌ

ڀٽ شاهه لڳ اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد زخمي

ڀٽ شاهه لڳ ڳوٺ دريا خان ٽالپر جي پرائمري اسڪول ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد انب مشوري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته شاگرد محفوظ رهيا. ان حوالي سان زخمي استاد ٻڌايو ته شاگردن کي پڙهائي رهيو هئس ته اوچتو ڪمري جا ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن سبب مٿو ڦاٽي پيو آهي، سال اڳ به چاپڙ ڪرڻ سبب زخمي ٿيو هئس. ٻئي طرف هيڊ ماستر طالب حسين خاصخيلي ٻڌايو ته اعليٰ عملدارن کي ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون آھن پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button