عالمي

آمريڪا ۾ يهودي عبادتگاهه اندر يرغمال ماڻهو آزاد، جوابدار مارجي ويو

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڪوليويل ۾ يهودين جي عبادتگاهه ۾ داخل ٿي ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائيندڙ جوابدار پوليس جي ڪاروائي ۾ مارجي ويو آهي. جڏهن تھ يرغمال بڻايل سمورن ماڻهن کي حفاظت سان آزاد ڪرايو ويو آهي. ڪوليويل پوليس ۽ ايف بي آئي جي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ يهودي عبادتگاهه ۾ هڪ هٿياربند داخل ماڻهن کي يرغمال بڻايو، پر پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ماڻهن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي ۽ ڪاروائي ۾ جوابدار مارجي ويو آهي. ايف بي آئي عملدار ٻڌايو تھ مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ هن وقت ظاهر نھ ڪئي ويندي، ڇوتھ جاچ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. سيڪيورٽي اهلڪارن مطابق لائيو اسٽريم ۾ هلايل وڊيو ۾ رڳو هڪ ئي جملو ٻڌو ويو، جنهن ۾ هٿياربند جو رڳو هڪ مطالبو هو تھ آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيا کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button