ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. افغان ميڊيا موجب طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ گذريل حڪومت جا جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ پنهنجي مدي تائين ڪارائتا آهن. هن چيو ته اڳتي جيڪي نوان پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، انهن تي اسلامي امارت لکيو ويندو. واضح رهي ته افغانستان جي پاسپورٽ تي اسلامي جمهوريه افغانستان لکيل آهي، جڏهن ته طالبان طرفان افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ آفيسون بند پيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close