سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مبينا اغوا ڪيس ۾ قيد شاگرد جي آزادي لا احتجاج

لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مبينا اغوا ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ شاگرد جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردياڻين عليزه مگسي، فروه مگسي، ردا بتول، سوني مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني واسي بااثر امتياز ڪلهوڙو سندس پي انور ڪلهوڙو، چاچي سڪندر ڪلهوڙو، مامي شبير ڪلهوڙو ۽ ٻين 8 مهينا اڳ يارهين ڪلاس جي شاگرد اظهار مهدي مگسي ۽ سندس پي ذوالفقار مگسي سميت ٻين مائٽن مٿان رحمت پور جي پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ناري ڪنول ڪلهوڙو جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن جي آڙ ۾ رحمت پور پوليس شاگرد اظهار مهدي مگسي کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪو بيگناھه هوندي به 8 مهينن کان قيد ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن ته اغوا ڄاڻايل ناري ڪنول ڪلهوڙو ۽ شاگرد اظهار مهدي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا، جنهن تان ڪاوڙجي ناري جي مائٽن ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اظهار مهدي جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ناري جي بااثر مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري شاگرد کي آزاد ڪرائي سندس تعليم ۽ زندگي بچائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button