سنڌ

بينظير يونيورسٽي جي 70 مردن کان پوليس ڊي اين اي وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان مبينا طور ڦاهو لڳل مئل حالت ۾ مليل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي معاملي تي لمس ليبارٽري جي سفارش تي پوليس جي فارينزڪ ٽيم شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پهچي 70 مردن جا ڊي اين اي نمونا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا. جڏهن ته يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو صحافين جي ٽيم کي ڪوريج ڪرڻ کا روڪي ڇڏيو. خبر موجب چانڊڪا ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري مان مبينا طور ڦاهو لڳل مئل حالت ۾ مليل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي مبينا قتل واري واقعي تي يونيورسٽي انتظاميا گرلز هاسٽل ۾ اچڻ وڃڻ وارن 70 مردن جي لسٽ پوليس حوالي ڪرڻ بعد لمس جي سفارش موجب پوليس 70 مردن جا ڊي اين اي ٽيسٽ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. يونيورسٽي پاران پوليس کي ڏنل لسٽ موجب 70 مردن جي لسٽ ۾ هاسٽل پرووسٽ عدنان قريشي، چيف سيڪيورٽي آفيسر سلطان ڀٽو، ڪاليج جي چئني گرلز هاسٽلن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلرڪ اسٽاف، گارڊن، مالهين سميت 70 مرد شامل آهن، جن جا ڊي اين اي نمونا ورتا ويندا. ذريعن موجب پوليس جي ٽيم ڪاليج پهچي ڊي اين اي نمونا وٺڻ شروع ڪري ڏنا آهن. جڏهن ته ميڊيا ٽيم ڪوريج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر يونيورسٽي انتظاميه کين ڪوريج کان روڪيندي چيو ته وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاڪم ابڙو سختي سان منع ڪئي آهي، جنهن ڪري اسان مجبور آهيون، جنهن بعد ميڊيا ٽيم کي يونيورسٽي کان ٻاهر ڪڍي يونيورسٽي جا دروازا بند ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button