سنڌ

ماٿيلو ۾ 31 سال اڳ قتل ڪيل همراهه جو ڪيس داخل،ويڳو پٽ گرفتار

ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ مزار چاچڙ ۾ 1991ع ۾ ويڳي پٽن پورهيت محمد پريل عرف پريو ڪلوڙ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. 31 سالن بعد قتل جي اعتراف کانپو مقتول محمد پريل عرف پريو ڪلوڙ جي سڳي پٽ علي حسن ڪلوڙ ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پهچي پنهنجي ٻن ويڳن ڀائرن دلاور ڪلوڙ ۽ حبيب ڪلوڙ خلاف قتل ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي پي محمد پريل عرف پريو ڪلوڙ کي منهنجي ويڳن ڀائرن حبيب ۽ دلاور ڪلوڙ زمين جي تڪرار تان 1991 ۾ قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلائي گم ڪري ڇڏيو هو، اسان ڏاڍي ڳولا ڪئي پر لاش نه مليو. ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن منهنجي پيءُ محمد پريل ڪلوڙ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ته ڪيس داخل ڪرايو آهي. جنهن کانپو هڪ جوابدار دلاور ڪلوڙ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻيو جوابدار حبيب ڪلوڙ فرار ٿي ويو. گرفتار جوابدار دلاور ڪلوڙ ويڳي پيءُ محمد پريل ڪلوڙ کي تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته محمد پريل ڪلوڙ منهنجي ڀيڻ جو رشتو طئه ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button