پاڪستانپنجاب

نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي وڏي غلطي ڪئي:وزيراعظم

منڊي بهاءُالدين :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي سڀ کان وڏي غلطي ڪئي. هن اعتراف ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. آئون سوچيندو آهيان ته ڪهڙي نموني مهانگائي کي گهٽايان. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته مهانگائي ڪنهن به ريت گهٽ ڪريون.ڪالهه منڊي بهاءُالدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نوازشريف جي ڪڏهن هڪڙي بيماري ته ڪڏهن ٻي بيماري ۾ مبتلا هجڻ جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن. نوازشريف جي پليٽليٽس جون ڳالهيون ٿينديون آهن ته آئون سمجهندو آهيان ته شايد نوازشريف اڄ ويو يا سڀاڻي، پر ائين نه ٿيو. اصل ۾ اسان نوازشريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي سڀ کان وڏي غلطي ڪئي. خيبرپختونخوا ڪنهن کي به ٻيو ڀيرو وارو ناهي ڏيندو. ڪي پي ڪي جي عوام ٻيو ڀيرو به تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو. وزيراعظم چيو ته فضل الرحمان کي مولانا نه چوندس، پهريون ڀيرو اسيمبلي ڊيزل کان سواءِ سولر تي هلي رهي آهي. ڊيزل سڀني کي گڏ ڪري هر 3 مهينن کان پوءِ چوي ٿو ته حڪومت کي ڪيرائي ڇڏيو. 20 سالن کان هي هڪٻئي کي چور سڏي رهيا آهن. جلسي دوران مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف دل جو ڪمزور آهي، کيس خبر آهي ته سندس ڪيس هليو ته هو بچندو نه. جيڪڏهن شهباز شريف ڏوهاري ناهي ته هو عدالتن کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. اڄ عدالتون آزاد آهن. عمران خان چيو ته مريم صاحبا چوي ٿي ته مون وٽ ٽيپس آهن، ڪڏهن اوهان ٻڌو آهي ته سياستدان ٽيپ جي ذريعي ڪنهن کي بليڪ ميل ڪن. هو چاهي ٿي ته حڪومت وڃي ۽ هنن جا ڪيس دٻجي وڃن. هو ٻڌائي ته 80 ڪروڙ شوگر ملز ڪيس ۾ هن وٽ ڪيئن آيا؟ وزيراعظم چيو ته هي چاهين ٿا ته جهڙي طرح پرويز مشرف هنن کي اين آر او ڏنو هو، مان به ائين ئي هنن کي اين آر او ڏيان پر جيستائين مان زنده آهيان ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو. قوم جا پئسا واپس ڪرڻ تائين هنن ڦورن کي نه ڇڏيندس. وزيراعظم اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته شريف خاندان لاءِ پيغام آهي ته ڪپتان هنن جي هر پلان لاءِ تيار آهي. اوهان کي صرف شڪست نه ملندي پر اوهان سڀ جيل به ويندو. چورن ۾ هڪ وڏو ميان ته ٻيو ننڍو ميان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button