سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ فوجي جو گئس آفيس جي ٺيڪيدار خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي سستي بستي جي رهواسي رٽائر فوجي جو گئس آفيس جي نجي ٺيڪيدار جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي الطاف حسين جتوئي دانهيندي چيو ته گذريل جون مهيني ۾ مان گئس آفيس جي نجي ٺيڪيدار ذوالفقار شر ۽ حاڪم سومرو کي گئس جي نئين ڪنيڪشن لاءِ ساڍا 9 هزار ڏنا هئا پر ڪيترائي مهينا گذري ويا مونکي گئس جو ڪنيڪشن ناهي ڏنو ويو. هن الزام لڳايو ته ٺيڪيدار ذوالفقار شر ۽ حاڪم سومرو ڪنيڪشن لڳائڻ لاءِ 5 هزار رشوت طلب ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ ڪري آفيس جا چڪر ڪٽرائي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري گئس جو نئون ڪنيڪشن لڳرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button