سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي جي ملازم جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي بهارپور پاڙي جي رهواسي تعليم کاتي جي ملازم پاران پوسٽنگ نه ملڻ توڙي رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نائب قاصد انعام علي جوکيو دانهيندي چيو ته مان گرلس ڊگري ڪاليج باڊهه ۾ ڊيوٽي ڪندو هيس، جتان 4 مهينا اڳ رليو ڪيو ويو، جنهن بعد لاڙڪاڻي سميت ڪنهن به ڊگري ڪاليج ۾ پوسٽنگ نه پئي ڏني وڃي، چئن مهينن کان پگهار بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پوسٽنگ ڏئي رهيل پگهارون جاري ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button