سنڌ

ڏوڪري ۽ ڀرپاسي هڪ رات ۾ چوري جون ٻه وارداتون، پوليس خاموش

ڏوڪري ۽ ڀرپاسي هڪ ئي رات ۾ چوري جون ٻه وارداتون ٿيون. نامعلوم چور موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ويجهو ڳوٺ ٻلهڙيجي جي پرائمري اسڪول مان سولر پليٽون چوري ڪري ويا. ٻئي طرف چنا پل سامهون مين موهن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ وٽان برڪت علي ڀٽي هوٽل مان نامعلوم چور سولر سسٽم واريون بيٽريون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. موهن جي دڙي ايئرپورٽ ٿاڻي تي چوري واقعن جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي. متاثرن چيو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ پوليس چورن اڳيان بي وس بڻيل آهي جنهن سبب چور بنا ڪنهن خوف جي سرعام چوريون ڪري رهيا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي نہ ٿي ڪري. هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button