سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پيرسن جو نافرمان پٽ جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني واسي پيرسن نافرمان پٽ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن حاجي امام الدين مغيري صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته اڌ رنگ جي سٽ اچڻ سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهيان، نافرمان پٽ ياسين مغيري مون سميت پيرسن گهرواري مٿان تشدد ڪندو آهي، اهڙي شڪايت ٿاڻي تي ڏني پر پوليس ڪا مدد ناهي ڪئي. هن چيو ته مان ڪجهھ چوپايو مال خريد ڪيو، جنهن جي کير مان اسان زال مڙس پيٽ پاليندا آهيون، نافرمان پٽ گهر، مال ۽ ملڪيت لکي ڏيڻ لا ڌمڪيون ڏيئي تشدد ڪندو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نافرمان پٽ ياسين مغيري کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button