سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو ڳيريلو واسي پوليس اهلڪار خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مينهل آباد جي رهواسي نوجوان پورهيت بااثر پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان ڪاشف علي چنا دانهيندي الزام لڳايو ته ٻه سال اڳ اسان ڳيريلو ويجهو پنهنجي ڳوٺ قادر بخش ڀٽو عرف پلي مان لڏي لاڙڪاڻي مينهل آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي مان ڪرياني جو دڪان هلائي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، ڳوٺ واري جڳھه اسان پنهنجي مائٽ رسول بخش چنو کي وڪرو ڪري ڏني، جنهن جي رقم هن 19 ڏينهن اڳ ادا ڪئي آهي، جنهن بعد سندس پوليس اهلڪار مائٽ تراب علي چنا مسلسل مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان مون سميت گهرڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڳيريلو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button