مٽياري: جميعت علما اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ مان لانگ مارچ ۾ شرڪت جي نئين تاريخ رقم ڪنداسين، هن چيو ته ڪراچي جي تمام ضلعن جا ڪارڪن سهراب ڳوٺ سپر ها وي تي جمع ٿي اتان نڪرندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اپوزيشن تحريڪ کي ٻيهر فعال ڪيو آهي، حڪمرانن جي بوکلائٽ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، اسيمبلي ميمبرن جو اعتماد وڃائڻ کانپو عمران خان بوکلائٽ جو شڪار ٿي بدزباني ڪري رهيو آهي، هن چيو ته موجوده نااهل حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب عوام تنگ اچي ويو آهي. ان موقعي تي مرڪزي نائب سالار سليم سنڌي، مولانا اعظم جهانگيري، صاحبڏنو ورياهه ۽ ٻيا موجود هئا.