پاڪستانسنڌ

سنڌ مان لانگ مارچ ۾ شرڪت جي نئين تاريخ رقم ڪنداسين: راشد سومرو

مٽياري: جميعت علما اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ مان لانگ مارچ ۾ شرڪت جي نئين تاريخ رقم ڪنداسين، هن چيو ته ڪراچي جي تمام ضلعن جا ڪارڪن سهراب ڳوٺ سپر ها وي تي جمع ٿي اتان نڪرندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اپوزيشن تحريڪ کي ٻيهر فعال ڪيو آهي، حڪمرانن جي بوکلائٽ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، اسيمبلي ميمبرن جو اعتماد وڃائڻ کانپو عمران خان بوکلائٽ جو شڪار ٿي بدزباني ڪري رهيو آهي، هن چيو ته موجوده نااهل حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب عوام تنگ اچي ويو آهي. ان موقعي تي مرڪزي نائب سالار سليم سنڌي، مولانا اعظم جهانگيري، صاحبڏنو ورياهه ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button