اسلام آبادپاڪستان

سويلين حساس ادارن کي سنڌ هائوس ۽ ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم

اسلام آباد:وزيراعظم پاران سويلين حساس ادارن کي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي نگراني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪجهه پارليامينٽ ميمبرن جي گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي نگراني جو اهم فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سول انٽيليجنس ايجنسين کي پارليامينٽ ميمبرن جي هنڌ جي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ايجنسين کي چيو ويو آهي ته اهي ايم پي ايز جي هنڌ، ڪال ڊيٽا ۽ حرڪت جي نگراني ڪن. ذريعن موجب وزيراعظم سول انٽيليجنس ادارن کي به هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ هائوس جي سخت نگراني ڪن ۽ روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ادارن کي پارليامينٽ ميمبرن جي لوڪيشن، ڪال ڊيٽا ۽ چرپر جي مانيٽرنگ جو چيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button