اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم خلاف عدم اعتماد:قومي اسيمبلي جو اجلاس 21 مارچ تي گهرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد : وزيراعظم جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي قومي اسيمبلي اجلاس ۽ بي اعتمادي جي قانوني پهلوئن تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب قانوني ٽيم قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ بابت بريفنگ ڏني، جنهن کانپوءِ شرڪت ڪندڙن طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس 21 مارچ تي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شرڪت ڪندڙ ميمبرن جي حاضري جو پتو لڳائڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته ڪجهه ميمبرن جي گم ٿيڻ بابت خبر پئي آهي، ائين انهن جا نالا سامهون اچي ويندا. ذريعن موجب وزيراعظم ڪاوڙيل ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي کي ٽاسڪ ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button