اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو آهي:گهرو وزير

اسلام آباد: سنڌ ۾ گورنر راڄ جي معاملي تي گهرو وزارت سمري وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي پر فيصلو نه ٿي سگهيو. گهرو وزير شيخ رشيد بني گالا ۾ وزيراعظم سان ملاقات کان اڳ گهرو وزارت ۾ هڪ صلاح مشوري وارو اجلاس ڪيو، جنهن ۾ وزارت جا اعليٰ عملدار موجود هئا. اجلاس ۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ بابت مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ جي 400 پوليس اهلڪارن جي اسلام آباد ۾موجودگي تي به مشاورت ڪئي وئي ته سنڌ پوليس اهلڪارن جي اسلام آباد ۾ مقرري ڪهڙِي قانون تحت آهي. گهرو وزارت جي ذريعن مطابق سنڌ ۾ گورنر راڄ بابت مشاورت مڪمل ڪئي وئي ۽ وزراعظم جي منظوري کان پوءِ ئي ان حوالي سان ڪوئي فيصلو ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ شيخ رشيد ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه سنڌ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، مان ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لڳائڻ جو حامي هيس ۽ سمري وزيراعظم کي پيش ڪئي آهي. جڏهن ته ڪوئي فيصلو ناهي ٿي سگهيو. گهرو وزير چيو آهي ته ناراض ايم اين اي واپس اچي وڃن، انهن کي ڪجهه نه چيو ويندو. ائين نه ٿئي جو وقت گذري وڃي ۽ پو اهي تڪ ۾ به نه وڃي سگهن. 27 تاريخ تي وزيراعظم سڀ کان وڏي ريلي کي خطاب ڪندو. هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ ايم اين اي ڇو لڪي رهيا آهن، جڏهن گهرو وزير چئي ٿو ته کين ڪجهه نه ٿيندو. اسان کين سيڪيورٽي ڏينداسين. جمهوريت کي ويڙهڻ وارو تڪ منهنجو ضرور آهي پر اهو آئون نه هوندس. سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس بابت عدم اعتماد خبر ناهي ڪيڏانهن ويندي؟ اسان چاهيون ٿا ته معاملا گڏيل رضامندي سان حل ڪيا وڃن. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ سنڌ پوليس جي موجودگي جي معاملي تي وزيراعطم جي منظوري کان پوءِ پوليس جي خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو به ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button