اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن کي وزيراعظم خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جي اپيل رد

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊن دوران ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ان دوران جسٽس عامر فاروق چيو ته وزيراعظم کي ڪميشن اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي ها. هڪ ايگزيڪيوٽو اٿارٽي نوٽيس جاري ڪيو آهي، هر ڪو پنهنجي طريقي سان اختيار طئي ڪندو ۽ اهو چوندو ته نوٽيس جاري ڪندڙ جو اختيار ناهي ته ڪم ڪيئن هلندو. عدالت چيو ته توهان کي پيش ٿي نيڪ نيتي ظاهر ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي. عدالت چيو ته توهان جو ڪنڊڪٽ ڏسي اسٽي نٿو ڏئي سگهجي. اليڪشن ڪميشن ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيسز جاري ڪيو ويو. معذرت سان حڪومت به آرڊيننس جي فيڪٽري لڳائي ڇڏي آهي. پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ڪم به آرڊيننس ذريعي ٿي رهيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف درخواست تي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوهان سمورا نقطا اليڪشن ڪميشن جي سامهون ڇو ناهن اٿاريا. وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن اڳ ئي آرڊيننس خلاف آرڊر جاري ڪري چڪي آهي. جسٽس عامر فاروق وڪيل کان پڇيو ته ڇا هي ڪم آرڊيننس ذريعي ٿيڻ جو هو. اوهان سمورا نقطا اليڪشن ڪميشن جي سامهون ڇو ناهن اٿاريا؟ ڇا اوهان 14 مارچ تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيا. اوهان جو پنهنجو ڪنڊڪٽ ڏسي عدالت حڪم امتناع نٿي ڏئي سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت شنوائي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button