اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو باغي ميمبرن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اهڙا ميمبر، جيڪي معاشي مفادن سبب پنهنجون وفاداريون تبديل ڪن، انهن جي سڄي عمر لاءِ نااهلي هوندي يا انهن کي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روز جي بنياد تي ٻڌي فيصلو ڏئي. هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل اي 63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن خاطر وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button