اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيليٽي اسٽورز تي بيسڻ في ڪلو 30 رپيا ۽ چانور 25 رپين تائين مهانگا

اسلام آباد :رمضان کان اڳ يوٽيلٽي اسٽورز تي بيسڻ ۽ چانور جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي هڪ طرف رمضان ريليف پيڪيج جي منظوري ته ٻئي طرف مختلف عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هاڻ رمضان کان اڳ ئي يوٽيليٽي اسٽورز تي رمضان دوران وڌيڪ استعمال ٿيندڙ بيسڻ ۽ چانورن جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي بيسڻ جي في ڪلو قيمت ۾ 30 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ بيسڻ جي قيمت 160 رپين مان وڌي 190 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 25 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button