افغان طالبان خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا افغان فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڊرون حملن کان نه مڙيو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا،
طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ ڊرون حملا ڪري سمورن عالمي حقن ۽ قانون کان علاوه دوحا ۾ ڪيل وعدن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، سمورن ملڪن خاص ڪري آمريڪا کان مطالبو آهي ته ڪنهن به قسم جي منفي نتيجن کان بچڻ لا افغانستان سان عالمي حقن، قانون ۽ وعدن موجب رويو اختيار ڪيو وڃي.