سنڌ

ٻجن جي رجسٽريشن ۽ سرٽيفڪيٽ جو اختيار وفاق کان واپس وٺڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کان زرعي سيڊ سرٽيفڪيٽ ۽ رجسٽريشن وارو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو ڪري ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ سيڊ سرٽيفڪيٽ ۽ رجسٽريشن ايڪٽ بابت سنڌ ڪابينا جي سب ڪميٽي جو زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، سيڪريٽري زراعت ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.

زراعت واري صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته سب ڪميٽي سيڊ ڪارپوريشن ايڪٽ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ تجويزون سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪندي، وفاقي اداري سيڊ جا آفيسر غير قانوني ۽ غير رجسٽرڊ زرعي ڪمپنين خلاف سنڌ ۾ ڪارروايون نه پيا ڪن، وفاقي اداري جا صرف 6 آفيسر سنڌ ۾ ڪم ڪن پيا.

منظور وساڻ چيو ته زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، جلد سنڌ ايڪٽ ڪابينا مان منظور ڪرائبو، غيرتصديق شده ٻج وڪرو ڪندڙن خلاف ڪابينا ۾ سزائن ۾ اضافي جي به تجويز ڏينداسين. منظور وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي خط به لکيو هو ته سيڊ سرٽيفڪيٽ ۽ رجسٽريشن جا اختيار سنڌ کي ڏنا وڃن پر ان خط جو اڃا جواب ناھي ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button