سنڌ

احمدپور ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ زخمي

احمدپور ڀرسان صادق ڪلھوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سدا بھار ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ زمين تي ٽريڪٽر تي ھر ڪاھيندڙ شمن علي پٽ غلام شبير عرف معتبر ڪلھوڙو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته ڳوٺاڻي جو ٽريڪٽر گوليون لڳڻ سبب تباهه ٿي ويو. زخمي ڳوٺاڻي جي فرياد تي صادق ڪلھوڙو ٿاڻي تي 7 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي. رابطو ڪرڻ تي صادق ڪلھوڙو پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڳوٺاڻي 7 جوابدارن خلاف حملي جي اين سي داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ زخمي موقف اختيار ڪيو آهي ته برادري جي مور ڪلھوڙو وارن سان زمين تان پراڻو تڪرار ھلندڙ آهي، جنهن تان ھٿياربندن حملو ڪري مونکي گوليون زخمي ڪيو ۽ ٽريڪٽر کي ٽائرن ۽ انجڻ ۾ گوليون هڻي تباهه ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button