سنڌ

سنڌ ۾ اڄ کان تيز برساتن جو امڪان

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اڄ کان تيز برساتن جو امڪان آهي ۽ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي پاران بيان ۾ چيو ويو ته برسات جو سسٽم ڀارتي گجرات وٽ موجود آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات جو سسٽم ٺهي رهيو آهي، سسٽم جي نتيجي ۾ اڄ کان تيز برساتن جو امڪان آهي، چوماسي هوائون وڌيڪ شدت سان داخل ٿينديون ۽ اهو به امڪان آهي ته اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي.

موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان آهي، ان دوران 35 کان 40 ناٽيڪل مائل جي رفتار سان هوائون لڳي سگهن ٿيون، سمنڊ ۾ چاڙهه رهندو، ماهيگير اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button