سنڌ

پير جو ڳوٺ ڀرسان تيز رفتار لوڊر تان نوجوان هيٺ ڪري فوت

پير جو ڳوٺ لڳ جمال شاهه اسٽاپ وٽ تيز رفتار لوڊر رڪشا تي ويٺل 30 سالن جو نوجوان محمد بخش پٽ گلزار بڙدي ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن نازڪ حالت ۾ پهريان خيرپور ۽ بعد ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوُ فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش پير جو ڳوٺ لڳ ڳوٺ الهداد بڙدي آندو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي جو لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته فوتي نوجوان محمد بخش بڙدي پنهنجي ڳوٺ ۾ سبزي هلائيندو هو، جيڪو لوڊر رڪشا تي سکر کان سبزي خريد ڪري واپس پير جو ڳوٺ لڳ ڳوٺ الهداد بڙدي اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button