سنڌ

گڊو بئراج وٽ انڌي ٻلهڻ کي علائقي واسين بلا سمجهي ماري ڇڏيو

گڊو بئراج ۾ پاڻي گهٽ هئڻ ڪري انڌي ٻلهڻ گڊو بئراج کان بي ايس فيڊر ۾ داخل ٿيڻ بعد علائقي واسين انڌي ٻلهڻ کي دريائي بلا سمجهي کيس ماري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ عبدالڪريم مزاري ٻڌايو ته بي ايس فيڊر ۾ انڌي ٻلهڻ کي ڏسي علائقي واسين دريائي بلا سمجهي رسن سان ٻڌي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي وائيلڊ لائيف عملي کي آگاهه ڪيو. وائيلڊ لائيف عملو نه پهچي سگهيو. علائقي واسين انڌي ٻلهڻ کي دريائي بلا سمجهي دفنائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button