غير درجه بندي

ڪنڊيارو ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرو

ڪنڊيارو (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڪنڊيارو ۾ سٽي ون فيڊر تي بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مير خان سهتو، سليم آگرو، اسلم قائمخاني، سرفراز قريشي، امداد سهتو ۽ ٻين چيو ته ڪنڊيارو شهر جي سٽي ون فيڊر تي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هجڻ باوجود هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. بجلي بند هجڻ ڪري شهري سخت پريشان آهن پر سيپڪو عملدار ڪنهن جي ڳالھه ٻڌڻ لا تيار ناهن. هنن چيو ته سيپڪو عملدارن کي چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيو ته سيپڪو عملدار هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آھن، جنهن ڪري شھرين کي سخت پريشاني آھي. هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button