سنڌ

فواد چوڌري سنڌ حڪومت جي منصوبن کي وفاقي قرار ڏئي رهيو آهي:سعيد غني

اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري ٻڌائي ته 1100 ارب روپيا، جيڪي هو ڪراچي تي خرچ ڪرڻ جا واعدا ڪري رهيو آهي، اهي ڪهڙا منصوبا آهن؟ 458 ارب روپين کان وڌيڪ سنڌ حڪومت جي منصوبن کي وفاقي قرار ڏئي عوام کي گمراھه ڪيو پيو وڃي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف سياسي جماعتن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ منعقد هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو.

اسعيد غني چيو ته هن سال 458 ارب روپين جا منصوبا ڪراچي ۾ جاري آهن، ان کان سواءِ ڪي سي آر منصوبي کي به سنڌ حڪومت فالو ڪري رهي آهي، ان تي 250 ارب روپيا لاڳت اچڻي آهي.

هن چيو ته وزير اعظم هجي يا وزير اعليٰ سنڌ، ٻئي عهدا آئيني آهن، ان ڪري وفاق ۽ صوبن کي ضرور ملڻ گھرجي. وزير اعليٰ سنڌ جي ڪي سي آر جي تقريب ۾ خطاب نه ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وقت جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي کيس خطاب نه ڪرڻ ڏيڻ منهنجي نظر ۾ رٿابندي جو حصو معلوم ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button