سنڌ

ڪنڌڪوٽ ويجهو ڪار ڪلٽي، زال مڙس ۽ سندس پٽ سميت 4 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان علاج لاءِ شھر ايندڙ ڳوٺاڻا حادثي جو شڪار ٿي ويا. حادثي ۾ زال، مڙس ۽ پٽ سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ ويجھو ڳوٺ بھاول سبزوئي واسي خاندان بيمار جي علاج خاطر ڪراچي طرف ڪار تي سوار ٿي وڃي رھيا ھئا ته ڪار جو ٽائر ڦاٽڻ تي ڪار ڪلٽي ٿي مڇي فارم جي تلاءُ ۾ ڪري پئي، جنهن ڪري ڪار ۾ سوار حسن سبزوئي، سندس گھر واري شھزادي، پٽ ميھر الدين ۽ خاندان جو فرد بھاول الدين سبزوئي موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪار ڊرائيور قربان سبزوئي زخمي ٿي پيو. اطلاع تي علائقي واسين پھچي پاڻي مان پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن ۽ زخمي کي ٻاھر ڪڍيو. وارث لاش کڻي ويا. هوڏانهن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button