
لاڙڪاڻي ۾ 70 کان وڌيڪ قوم پرست اڳواڻن توڙي ڪارڪنن قومپرست سياست کي الوداع ڪري قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ جسمم اڳواڻن حميد شيخ، رضوان چانڊيو پنهنجي 70 کان وڌيڪ ڪارڪنن آزاد علي شيخ، مقيم علي سولنگي، نجف علي، ضمير علي شيخ ، مريد سولنگي، شاهد ميراڻي، ممتاز علي، سجاد علي، وحيد علي شيخ ،عبدالجبار تنيو، عابد علي ڪورائي، رضوان، نظير ٿهيم ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ قومي جهنڊا کڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ کان پوءِ اسان جو ڪنهن به جماعت جسمم، جسقم يا ٻين پارٽين سان واسطو ناهي ۽ نه ئي رهندو، ڇاڪاڻ جو انهن قوم پرست پارٽين جا سربراهن پنهنجي خاندان سميت ملڪ کان ٻاهر ويهي عياشيون ڪري غير ملڪي ايجنڊا تي عمل ڪندي عرض پاڪ سان غداري ڪن ٿا،