سنڌ

ڏوڪري جي گرلز اسڪول ۾ ووٽرن جي آگاهي لاءِ پروگرام منعقد

لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو جي صدارت هيٺ گورنمينٽ گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ڏوڪري ۾ ووٽرن جي آگاهي لاءِ پروگرام منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد يوسف مجيداڻو زور ڏنو ته ووٽ جو اندراج سڀاڻي نه پر اڄ جي بنياد تي ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري. هن چيو ته 18 سالن تائين جي عمر وارن جو قومي شناختي ڪارڊ ٺهڻ کانپوءِ ووٽ داخل ٿي سگھي ٿو، قومي شناختي ڪارڊ جي ائڊريس وغيره صحيح نموني ڏني وڃي ته جيئن ووٽ صحيح جڳھه تي داخل ٿي سگھي. هن چيو هن جاڳرتا پروگرام جو خاص مقصد عام ماڻهن ۽ عورتن ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي ووٽ جو صحيح استعمال ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button