سنڌ

لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 8 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوى

لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. رحمت پور پوليس ٻن جوابدارن بگو عرف بگن ڪورائي ۽ قيوم ڪورائي کي ٻن ريوالر ۽ گولين سميت، علي گوهر آباد پوليس پير شير روڊ تان جوابدار عبدالاحد عرف سعد جتوئي کي پسٽل ۽ گولين سميت، دڙي پوليس مراد واهڻ مان منشيات فروش زوهيب شاهاڻي کي هيروئن ۽ آئيس سميت، مددگار بيس ٽو گشت دوران ريلوي گدامن ويجهو منشيات فروش صفدر ڪلهوڙو کي هيروئن ۽ آئيس سميت، ڏوڪري پوليس ڳجهڙ روڊ وٽان منشيات فروش جبران جويو کي ڀنگ سميت، سچل پوليس جوابدار علي رضا شيخ کي گٽڪن سميت ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس اشتهاري جوابدار همت کوکر کي گرفتار ڪري ورتو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button