اسلام آبادپاڪستان

صدارتي آرڊيننس ذريعي نيب چيئرمين جو مدو وڌائڻ جو مسودو تيار

اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب قانون واري وزارت صدارتي آرڊيننس جي ذريعي نيب چيئرمين کي واڌ ڏيڻ جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو متن وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ اڄ ئي صدر عارف علوي کي پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب آرڊيننس جي تحت جاويد اقبال نئين نيب چيئرمين جي مقرري تائين ڪم ڪندو رهندو. ذريعن موجب نيب آرڊيننس 1999ع جي شق 6 جي تحت نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي. واضح رهي ته حڪومت نيب چيئرمين جي مقرري تي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کان صلاح مشورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button