سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيمار پورهيت جو ٻارن سميت مالي سهائتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو لهر ڪالوني واسي پورهيت معصوم ٻارن سان گڏجي مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت عرض محمد لهر دانهيندي چيو ته مون ڪيترائي سال شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف بئڪرين ۾ پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هيس پر ٻه سال اڳ معدي جي تڪليف سبب بئڪري جو ڪم ڇڏي لاڙڪاڻي جي نيو لهر ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي، هاڻي بيماري سبب بيروزگار ٿي ويو آهيان جنهن ڪري گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته منهنجي سهائتا ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button