اسلام آبادپاڪستان

بجلي صارفين تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪرائڻ جون تياريون!

اسلام آباد :نيپرا ۾ بجلي هڪ مهيني لاءِ 2 رپيا 7 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي شنوائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب بجلي صارفين تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ نيپرا ۾ بجلي هڪ مهيني لاءِ بجلي 2 روپيا 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست تي شنوائي مڪمل ٿي وئي. نيپرا پاران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي شنوائي ڪئي وئي. نيپرا فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ بابت پنهنجو فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سي پي پي اي طرفان درخواست آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي جنهن ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته ڊيزل ۽ فرنس آئل جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگي بجلي پيدا ڪئي وئي. فرنس آئل مان 18 روپيه 24 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي بجلي هڪ مهيني لاءِ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي پر نيپرا طرفان بجلي هڪ روپيو 95 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. منظوري جي صورت ۾ صارفين مٿان 25 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button