سنڌ

باقراڻي ۾ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي شاگردن جو احتجاج

شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن مطالبن جي مڃتا لا يونيورسٽي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي بابر شيخ، سنجي گيمڻاڻي، فواد شيخ، عبدالمالڪ چانڊيو، صوفيان ملڪ ۽ ٻين چيو ته فارميسي ڊپارٽمينٽ کلندي 5 کان 6 سال ٿي ويا پر استادن جي کوٽ برقرار آھي ٻيو وري استاد پنهنجا ڪلاس به نٿا وٺن، جنهن ڪري پڙھائي سخت متاثر ٿي رھي آهي. ھنن چيو ته ليب ۾ فارميسي جو پريڪٽيڪل ورڪ به نٿو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا حل ڪيا وڃن. احتجاج دوران فارميسي ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ عبدالرحمان خاصخيلي ۽ ڊين صفدر شيخ شاگردن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button