بخشاپور ويجهو ڳوٺ سوداگر ڊومڪي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين فائرنگ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، جنهن دوران گوليون لڳڻ ڪري نوجوان گلزار احمد پٽ سيف الدين ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. فائرنگ دوران 3 ڄڻا سيف الدين ڊومڪي، دلدار ڊومڪي ۽ بالاچ ڊومڪي سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي طبي امداد لا رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو. ٽنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ٻنھي ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي. نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close