سنڌ

بخشاپور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل

بخشاپور ويجهو ڳوٺ سوداگر ڊومڪي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين فائرنگ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، جنهن دوران گوليون لڳڻ ڪري نوجوان گلزار احمد پٽ سيف الدين ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. فائرنگ دوران 3 ڄڻا سيف الدين ڊومڪي، دلدار ڊومڪي ۽ بالاچ ڊومڪي سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي طبي امداد لا رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو. ٽنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ٻنھي ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي. نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button