غير درجه بندي

جروار ڀرسان اغوا ڄاڻايل 2 ڀينرون پنجاب مان بازياب،دارلامان حوالي

جروار ويجهو ڳوٺ صاحب لنڊ مان 5 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ڀينرن صدف لنڊ ۽ نغمه لنڊ کي جروار پوليس رحيم يار خان مان هٿ ڪري ورتو.

هٿ ڪيل ٻنهي ڇوڪرين کي پوليس ميرپورماٿيلو ۾ فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻنهي ڀينرن دارالامان وڃڻ جو بيان ڏنو. عدالت ۾ ڇوڪرين

ٻڌايو ته اسان کي حسن مشوري، ظفر بجاراڻي ۽ ان جي ساٿين اغوا ڪري پنجاب جي مختلف علائقن ۾ لڪائي رکيو. ڪالهه جروار پوليس بازياب ڪرائي ورتو. هنن چيو ته اسان جو پي ما فوت ٿي ويا آھن. خدشو آھي ته ڀا ۽ ٻيا مائٽ قتل ڪري ڇڏيندا، ان ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

ڇوڪرين جي اهڙي بيان کانپو ٻنهي کي سکر دارالامان موڪليو ويو. هوڏانهن ڇوڪرين جو اغوا ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جابدار گرفتار نه ڪري سگهي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button