پاڪستانسنڌ

مٽياري ۾ مسافر ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر، 12 کان مٿي مسافر زخمي

مٽياري: مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ تيزرفتار مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 12 کان مٿي مسافر زخمي، خبر موجب مٽياري ۾ قومي شاھراھه بائي پاس تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ تيزرفتار مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 کان مٿي مسافر شديد زخمي ٿي پيا آهن، جن کي مٽياري پوليس فوري طور تي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

پوليس مطابق مسافر ڪوچ پشاور کان ڪراچي وڃي رھي ھئي ته مٽياري قومي شاهراهه بائي پاس تي ڊرائيور جي غفلت ۽ ننڊ اچڻ سبب تيزرفتار مسافر ڪوچ ھڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪوچ ۾ موجود 12 کان مٿي مسافر امتياز، سلطان، ڪاشف، سيمه سميت ٻيا شديد زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي مٽياري پوليس ۽ مقامي ماڻهن تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو، جن مان 6 کان مٿي مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب انھن کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button