پاڪستانسنڌ

گولاڙچي ۾ ٻن عورتن خودڪشي ڪري ڇڏي

گولاڙچي: گولاڙچي ۾ 2 عورتن خودڪشي ڪري ڇڏي، خبر موجب گولاڙچي جي چڪ نمبر 15 ديھه کارو دبو ۾ 22 ورهين جي عورت گيني زال پريم ڪولهي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب سندس مائيٽن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف چڪ نمبر 4 ڳوٺ رحيم ڏنو جت ۾ 35 ورهين جي عورت خانضي زال سومار پنهنجي گهر ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بدران ضروري ڪارروائي ڪري لاش کڻائي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button