غير درجه بندي

خواب هجن آزاد…!!

Editorial-Article-Umer Qazi

ملڪ جي سياسي صورتحال جنهن نازڪ موڙ تان گذري رهي آهي، ان جو احساس هر ان انسان کي آهي، جيڪو سياسي حوالي سان ڪجهه سمجهي نه سمجهي پر گهٽ ۾ گهٽ سوچي ضرور سگهي ٿو. پاڪستان ۾ پيدا ٿيل سياسي غير يقيني نئين شيءَ ناهي. اسان ان ڪيفيت مان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي گذرندا رهيا آهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ان ڪيفيت جا ڪڪر ايترا ته گهاٽا ٿي ويندا آهن ته ان ۾ ڪا شيءَ نظر نه ايندي آهي ۽ ايتري ڪاراڻ ڇائنجي ويندي آهي جو ڪجهه به پسڻ ۾ نه ايندو آهي. اها ڪيفيت اسان گهڻو ڪري جنرل ضياءَ جي دور ۾ ان وقت محسوس ڪئي هئي، جڏهن ملڪ جي عظيم عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي ۽ ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ ان وقت پاڪستان هڪ تمام وڏي صدمي ۾ هو. پاڪستان کي پتو نه ٿي پيو ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ پر هڪ غم هو ۽ ٻيو عوام ۾ تمام گهڻو غصو هو. ان غم ۽ غصي جو اظهار عوام ان وقت به ڪيو هو ۽ ڀرپور طرح سان ڪيو هو. اها عوام جي غم ۽ غصي واري ڪيفيت هئي، جنهن پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو کي 88 واري اليڪشن ۾ اها فتح ڏني، جنهن تي هارائيندڙ به حيران ٿي ويا هئا.
پاڪستان ان وقت به تمام گهڻي صدمي ۾ هو، جڏهن ملڪ ٻه ٽڪرا ٿي ويو هو ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو هو. ملڪ ۾ ان مهل به تمام گهڻي تڪليف هئي، جڏهن اهو ڏسندو هو ته سرڪار جي واڳ انهن هٿن ۾ آهي، جن کي چالون چلڻ کان سواءِ ٻه ڪجهه به نه ٿو اچي. ڇا هن وقت به ساڳي صورتحال ناهي؟ آخر هن ملڪ جي عوام جو اهو ڪهڙو ڏوهه آهي، جنهن جي سزا جي طور تي سدائين سرڪار ۾ اهڙا ماڻهو آندا ويندا آهن، جن کي ڏسي ملڪ جي باري ۾ ماڻهن جي تشويش وڌي ويندي آهي ۽ ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آخر انهن آفتن مان ملڪ جي جند ڪڏهن آجي ٿيندي؟ ملڪ ۾ اها ڪيفيت ان وقت به هئي، جڏهن ملڪ هلائڻ جي لاءِ ٻاهران ماڻهو امپورٽ ڪيا ويا هئا. ڇا هن ملڪ ۾ اهڙا انسان نه هئا، جيڪي انسان ڪجهه اهو ڪري ڏيکارين، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ هن ملڪ جي عوام خواب ڏٺا آهن. پر اهي اسان جون حسرتون آهن. اهي اسان جون اهڙيون حسرتون آهن، جن جي حوالي سان شيخ اياز جا اهي ٻول بلڪل درست محسوس ٿين ٿا ته:
”خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي؟“
شيخ اياز جي تڪليف ۽ هن جي پيڙا جو گواهه آهي هي نظم! ان نظم ۾ شاعر کي شڪايت آهي ته اسان هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ آهيون، جنهن ۾ اسان جا خواب به آزاد ناهن. جڏهن خواب به آزاد نه هجن ته انسان ڪهڙي نه اذيتناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو؟ اها اذيتناڪ ڪيفيت هن ملڪ جي ماڻهن جو مقدر بڻجي رهي آهي ۽ اهو معلوم ناهي ته آخر اها ڪيستائين انسانن جي احساسن سان خوني راند کيڏندي رهندي؟ ملڪ ۾ جڏهن به اهڙو ماحول پيدا ٿيندو آهي، جنهن ماحول ۾ ماڻهو تمام گهڻي تڪليف جو شڪار ٿي ويندا آهن ته ماڻهو ان ڪيفيت جي ور چڙهي ويندا آهن ۽ هن وقت به ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇا ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇا ملڪ غيريقيني صورتحال مان ٻاهر ايندو؟ ڇا اهو ڪجهه ٿيندو، جيڪو ڪجهه ڏسڻ جي لاءِ ماڻهن تمام گهڻي وقت کان وٺي اذيتون ڀوڳيون آهن ۽ تڪليفون سٺيون آهن. اهو سچ آهي ته اڄ جيڪي به ملڪ سگهارا ۽ خوشحال آهن، انهن ملڪن جي ماضيءَ ۾ ان ملڪ جي عوام جون تمام گهڻيون محنتون آهن. انهن جن مصيبتن کي منهن ڏنو، انهن جو داستان الڳ آهي. انهن جن مسئلن کي حل ڪيو، ان جي سلسلي ۾ انهن کي اهو ڪجهه مليو آهي، جيڪو ڪجهه ڏسي اسان جون اکيون هرکن ٿيون. اسان کي اڃان به سمجهڻ گهرجي ته ڪجهه به وٺڻ جي لاءِ ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي. جن ملڪن جي ماڻهن پنهنجي ماضيءَ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، اڄ اهي ملڪ آزاد آهن. اهي ملڪ خوشحال آهن. اهي ملڪ مضبوط آهن. انهن ملڪن جي شهريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جا ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن. جڏهن ته ماڻهن جي مٿان اهو فرض عائد ٿيندو آهي ته هو پنهنجي ملڪ کي اهڙو بڻائين جو ٻي دنيا جا ماڻهو اتي اچڻ چاهين. اسان جي ملڪ جي قسمت اهڙي آهي ته هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن اسان وٽ غيرملڪي سياح ايندا هئا پر هن وقت اسان وٽ ڪو به غيرملڪي نظر نه ٿو اچي ۽ جيڪڏهن ڪوئي اچڻ به چاهي ته اسان جي حڪومت ۽ انتظاميا خوف جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ڇو ته غيرملڪي سياح جي حفاظت به اسان جي لاءِ تمام وڏو مسئلو آهي. اسان جڏهن پنهنجي عوام جي حفاظت نه ٿا ڪري سگهون ته اسان انهن جي حفاظت ڪيئن ڪنداسين؟ جن ماڻهن جي لاءِ انهن جا ملڪ تمام گهڻا پريشان رهندا آهن. جيڪڏهن ڪوئي پاڪستاني فارين ۾ ڪنهن مسئلي جو شڪار ٿي ويندو آهي ته اسان جي ايمبيسي ان جو اهڙو خيال نه رکندي آهي پر جيڪڏهن ڪوئي انگريز يا ڪوئي آمريڪي اسان وٽ ڪنهن مسئلي جو شڪار ٿي وڃي ته ان ملڪ جو سفير پنهنجي ننڊ حرام ڪري به پنهنجي ملڪ جي شهريءَ جي لاءِ مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. اسان جي اها تمام گهڻي بدقسمتي آهي ته اسان هن مهل تائين اهو ڪجهه نه ماڻي سگهيا آهيون، جيڪو ڪجهه اسان کي اڌ صدي اڳ ۾ ماڻڻ گهربو هو. هونءَ به جنهن ملڪ ۾ سياسي حالتون ايتري گهڻي بي يقينيءَ جي حوالي هجن، ان ملڪ جي باري ۾ ڪجهه به سوچي ۽ اطمينان حاصل ڪري ڪيئن ٿو سگهجي؟ اسان مسلسل ان ڪيفيت ۾ آهيون، جنهن ۾ تمام وڏي تڪليف ۽ تمام وڏي پيڙا هوندي آهي. اسان جي اها پيڙا ڪڏهن ختم ٿيندي؟ اسان کي ان باري ۾ ڪوئي علم ته ڪونهي پر الميو اهو آهي ته ان سلسلي جي اميد به آهستي آهستي اسان مان ختم ٿي رهي آهي ۽ اها تمام خطرناڪ ڳالهه آهي.
دنيا جو هر ملڪ پنهنجي عوام جي حوصلي ۽ همت تي هلندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي اهو چوي ته ملڪ فوج سان آهي يا سرمائي سان آهي يا سائنس سان آهي ته اسان کي اهڙي موقف کي ڪنهن به طرح سان تسليم نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ملڪ جو اصل سرمايو سائنس يا دولت نه آهي پر ملڪ جو اصل سرمايو، ان جو عوام آهي. اهو عوام جيڪو هن وقت اذيت جو شڪار آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ هن جي تشويش وقت سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. آخر ان سياسي بي يقيني ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل افسوس جهڙي صورتحال جو انت ڪڏهن ايندو؟ جڏهن به اسان جي دل ۾ ڪوئي جذبو پيدا ٿيو آهي ته اسان ان ڪيفيت ۾ اچي وري مايوس ٿي ويا آهيون. اسان کي مستقل طور تي مايوسيءَ مان نڪرڻ جي لاءِ جنهن همٿ ڀري هٿ جي ضرورت آهي، اهو اسان کي ڪڏهن ملندو؟ ڪڏهن هن ملڪ جو ڀاڳ کلندو؟
وقت ڪنهن جي ڀاڳ ۾ ڇا لکيو آهي يا وقت ڪنهن جي ڀاڳ ۾ ڇا لکي سگهي ٿو؟ اهو سوال تمام گهڻو اهم آهي. پر اسان کي اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته انسان جو مقدر ڀلي قدرت جي هٿن ۾ هجي پر ملڪن جو مقدر انسانن جي هٿن ۾ هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته علامه اقبال واضح طور تي اهو لکيو آهي ته:
”افراد ڪي هاٿون مين هي، اقوام ڪي تقدير
هر فرد هي ملت ڪي مقدر ڪا ستاره“
ڇا اهڙي شعر کان پوءِ اسان کي ڪوئي شڪ ٿيڻ گهرجي. اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته محسوس ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي ملڪ جي مقدر جا تارا ٿيڻ ٿا چاهيون ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ڪنهن به طرح سان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته جنهن جي مقدر جا ستارا مايوس هجن، ان جي حالت ڪيتري نه افسوس جهڙي هوندي؟ اسان کي اهو به احساس هجڻ گهرجي ته اسان جي حوالي سان هڪ پوري نسل جون اميدون اسان ۾ آهن. جيڪڏهن اسان مايوس ٿي وياسين ته ان نسل جو ڇا ٿيندو؟ هونءَ ته اسان کي گهرائيءَ وارا شعر تمام گهڻو پسند هوندا آهن پر مون کي اهو سادو ۽ عام شعر به تمام گهڻو پسند آيو هو، جنهن ۾ شاعر چيو هو ته:
”ڪيسي ڪهدون ڪه ٿڪ گيا هون مين
جاني ڪتنون ڪا حوصلا هون مين“
جيڪڏهن اسان ٿڪجي پياسين ته انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي ماڻهو اسان جي حوالي سان اميد ۾ آهن ته اسان ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين. ان مان اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن دور جا انسان مايوس آهن ته اها مايوسي ان ملڪ جي ماڻهن جي مستقبل کي به متاثر ڪري ٿي. ڇو ته اسان جا ماڻهو اسان جو حوصلو آهن. اسان جا ٻار اسان جي طرف تڪي رهيا آهن. انهن کي يقين آهي ته اسان ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ڪري وينداسين، جنهن سان انهن جو آئيندو اجري ويندو. جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته انهن جو ڇا ٿيندو؟ هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ جي بدران يعني ڪجهه اهم ۽ ڪجهه بامعنيٰ ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن اسان صرف پنهنجي نئين نسل جي آغوش ۾ مايوسي وڌي ته اهو هڪ ڏوهه ٿيندو.
دنيا ۾ ٻن قسمن جا ڏوهه هوندا آهن. هڪ اهي ڏوهه جيڪي قابل معافي هوندا آهن ۽ ٻيا اهي ڏوهه جن جي معافي نه ملندي آهي. پنهنجي حصي ۾ آيل غيريقيني ۽ مايوسي جيڪڏهن اسان ايندڙ نسل کي منتقل ڪئي ته اهو تمام وڏو ڏوهه هوندو ۽ ان قسم جا ڏوهه ڪڏهن به معاف نه ڪيا ويندا آهن. اسان جي مٿان اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي حصي جي پيڙا برداشت ڪيون ۽ نه صرف برداشت ڪيون پر ان کي اهڙي اميد ۾ بدلايون جو نئين نسل جي لاءِ ڪي واٽون روشن ٿي پون. اها اسان جي لاءِ شرم جوڳي ڳالهه هوندي ته اسان پنهنجي نئين نسل کي پنهنجي حصي ۾ آيل مايوسيون ۽ نااميدون ڏئي انهن کان اميد رکون ته هو پنهنجي نسل کي خوشيون ۽ راحتون ڏيندا! اهو خيال ئي خودفريبيءَ وارو آهي. ان مان سڀني کي بچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button