اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close