پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت جو احتجاج،بااثر ماڻهن تي ڌمڪائڻ جو الزام

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت نوجوان پنهنجي ٻارن سميت پريس ڪلب تي پهچي ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو. تفصيل موجب اسلام ڪوٽ جي ميگهواڙ پاڙي جو رهواسي پورهيت نوجوان راجا سوناڻي گهر واري راڻي ۽ معصوم ٻارن سان گڏ پريس ڪلب تي پهچي ڪالھه ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت دانهيندي الزام هنيو ته برادري جا بااثر لڇمڻ، ڪرشن، هرسينگ، شو لال، مهاوجي، صالو، رميش، پرتاب، ڇڳن ۽ ٻين منهنجو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن ڪيترائي ڀيرا منهنجي خلاف ڪوڙيون درخواستون ڪيون ۽ هاڻ منهنجي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته مخالفن مان مون ۽ گهرڀاتين جي زندگين کي خطرو آهي. پوليس به مخالفن جي ڌُر بڻيل آهي، تدارڪ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button