پاڪستانسنڌ

مٺي ڀرسان ڳوٺ کي خوفناڪ باهه،100 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا

مٺي:مٺي تعلقي جي ڳوٺ سوڀارو شاهه (اولڊ) ۾ باھه هڪ سئو کان به وڌيڪ گهر ساڙي ڇڏيا، گهرن اندر پيل سموري سامان سميت ٻڪريون، ڍور ۽ مور پکي به سڙي مري ويا. منجهند جي وقت سخت گرمي ۾ لڳل باھه جي تپش ۽ گرمي جي شدت کن پل ۾ ٽن پاڙن کي مڪمل وڪوڙي ورتو، جنهن سبب ڳوٺاڻن سيد مشتاق، مريد شاھه، شاهنواز شاھه، نعيم شاہه، بشير احمد، چنڱل شاہه، مصطفي شاهه، منور شاهه، ٻڍل شاهھ، ايمان شاهه، محمد شاهه، صدام حسين شاهه، دلبر حسين شاهه، جاويد شاهھ، گل حسن شاهه، الطاف حسين، غلام، خالد حسين، عبدالرحيم، داون شاهه، سرمد ۽ ارشد شاهھ سميت هڪ سئو ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک جو ڍير ٿي ويا آهن. جڏهن ته گهرن اندر پيل روڪ رقم ۽ نياڻين جي ڏاج سميت کٽون بسترا ۽ اناج پڻ سڙي ويو آهي. ۽ گهرن اندر ٻڌل ڍور ۽ ٻڪريون به سڙي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏهن ته ڳوٺ جي وڻن، چونئرن ۽ لانڍين ۾ ويٺل مور پکي، ڪبوتر ڪانو ۽ ڳيرا به سڙي مري ويا آهن. اطلاع تي مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار ۽ ٿرڪول کان آيل فائربرگيڊ عملي پهچي باهھ تي ضابطو آندو. متاثر خاندان فقط پنهنجون جانيون بچائي ٻاهر نڪتا، جيڪي سخت گرمين ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اڃا تائين عارضي اجهي جو به بندوبست نه ٿي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button