سنڌ

رتوديرو ويجهو ٻن ڄڻن جي قتل واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻه هفتا اڳ قتل ٿيل ٻن ڄڻن اي ايس آ برڪت جوڻيجو ۽ سندس ڀاڻيجي ڌڻي بخش جوڻيجو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عورتن پاڪ ڪتاب کڻي جيڪب آباد مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ظهير جوڻيجو، هاشم علي، ملڪان خاتون، فرزانه خاتون ۽ ٻين چيو ته ٻه هفتا اڳ اي ايس آ برڪت جوڻيجو ۽ نوجوان ڌڻي بخش جوڻيجو کي قتل ڪيو ويو. واقعي کي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا. ايس ايڇ او نور احمد مغيري ڳري رشوت عيوض جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button