سنڌ

نيب صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي اثاثن جو رڪارڊ گهري ورتو

قومي احتساب بيورو (نيب) صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪندي ايس اي سي پي کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان مڪيش ڪمار چاولا کانسواءِ سندس مبينا فرنٽ مين جو به رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. نيب طرفان خط ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ شخص حسن علي شريف خلاف انڪوائري جاري آهي، صوبائي وزير ۽ سندس گھرڀاتين جا سمورا تفصيل مهيا ڪيا وڃن. نيب جو چوڻ آهي ته مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس گھرڀاتين جي نالي تي جيڪي ڪمپنيز يا شيئر هولڊرز آهن، تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وحيد شيخ ۽ ان جي گھرڀاتين جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، ان کانسواءِ حسن علي ۽ شوڪت امان بابت به تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button