سنڌ

جونگل ۾ زخمي نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

جونگل ويجهو ڳوٺ سوڍو بنگلاڻي ۾ مهينو اڳ جوابدارن هٿان ڪهاڙين ۽ لٺين جا وار ڪري شديد زخمي ٿيل نوجوان عبدالحميد بنگلاڻي جي وارثن واحد بخش، غلام ياسين، سهڻو ۽ شهناز خاتون، ڀاڳل خاتون پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته مهينو اڳ عبدالحميد بنگلاڻي کي جوابدار عيسى، شهمير، معشوق، ياسين، حوران بنگلاڻي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري شديد زخمي ڪيو. بي سيڪشن ٿاڻي وياسين ته ايس ايڇ او غلام نبي هڪ لک رشوت وٺي ڪيس داخل ڪرائڻ چڪر ڪٽرائي الٽو اسان مٿان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس بااثر ڌرين جي ونگارو بڻيل آهي. ايس ايڇ او چوي ٿو ته توهان جو همراهه مري ويو ته پو ڪيس داخل ڪنداسين. ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي ٻڌايو ته زخمي نوجوان مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، ان ڪري جهيڙي دوران زخمي کي وارثن ٿاڻي تي ناهي آندو ته ڪيس داخل ڪٿان ڪريون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button