ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير ڪيھر ۾ 8 مھينا اڳ فوت ٿيل عبدالحق پٽ غلام حيدر ڪيهر جي ڀا عبدالغفور ڪيھر ٽي مھينا اڳ شڪارپور ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته منھنجي ڀا عبدالحق کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، جنھن بعد عدالتي حڪم تي سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي فوتي جي ڀا جي فرياد تي جوابدارن فوتي جي زال بيگم ڪيھر، سڪندر ڪيهر، عاشق ڪيهر عبدالمجيد ڪيهر سميت 7 جوابدارن خلاف ايف آ آر پڻ درج ڪئي وئي هئي، جنھن بعد عدالت قبرڪشائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ گذريل ڏينھن سلطان ڪوٽ پوليس جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم سيد ڀرپور شاهه قبرستان ۾ عبدالحق پٽ غلام حيدر ڪيهر جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا پوسٽ مارٽم لا ورتا آھن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ محمد نواز ڪورائي ٻڌايو ته فوتي جي ڀا عدالت کي درخواست ڏني ھئي ته منھنجي ڀا کي سندس گھرواري بيگم، سڪندر، عاشق ڪيهر ۽ ٻين زهر ڏيئي ماريو آهي، جنهن بعد عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ ڪرڻ لا عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪري ڊاڪٽرن لاش جا جزا ورتا آهن
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close